اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو جائزو ڪامياب رهيو آهي، مثبت نتيجا ۽ سڌارا صحيح رستي تي آهن.بيان موجب، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 21.7 بلين ڊالر تائين پهچي ويا آهن، جيڪو سال جي بلند ترين سطح آهي، ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا مسلسل ٽيٽيهه هفتن کان وڌي رهيا آهن.ناڻي واري وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته آبنائي هرمز تائين رسائي جي توسيع شپنگ شعبي کي مستحڪم ڪري رهي آهي، ايندھن جي سيڪيورٽي بهتر ٿي آهي، ۽ پاڪستان وٽ 4 هفتن لاءِ تيل آهي.بيان موجب، واپاري رستن جي بهتري سان بندرگاهن تي ڌيان وڌي رهيو آهي.ناڻي واري وزارت وڌيڪ چيو ته وڏي پيماني تي پيداوار ۾ واڌ جي شرح ٻٽي انگن تي ٿي رهي آهي، 500 ملين ڊالر کان وڌيڪ جي 5G نيلامي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ هڪ اهم سيڙپڪاري آهي.










