آءِ ايم ايف بابت بلاول ۽ شهباز جا بيان حيران ڪندڙ آهن،فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف جا آءِ ايم ايف بابت بيان حيران ڪندڙ آهن، ڳالهائڻ کان اڳ رڪارڊ ڏسندا ڪريو ته جيئن شرمساري کان بچي وڃو، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پاران پ پ چيئرمين ۽ نواز ليگ صدر تي تنقيد ڪئي وئي آھي، فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان هيل تائين آءِ ايم ايف کان 13.79 ارب ڊالرز قرض ورتو، اُن مان پيپلز پارٽي 47 ۽ نواز ليگ 35 سيڪڙو قرض ورتا هئا، باقي ٻين حڪومتن 18 سيڪڙو قرض ورتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو