اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ سڌي ريت قرضن جي معاملي تي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ۽ پرڏيهي آفيس جي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پرڏيهي معاملن ۽ ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف کان ڏکين شرطن تي دوست ملڪن کان مدد جي درخواست ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير به شرڪت ڪئي، جڏهن ته هلندڙ سال پرڏيهي فنانسنگ 7 ارب ڊالر بدران 6 ارب ڊالر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ملاقات ۾ چين کان 2 ارب ڊالرز جي رول اوور تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ چين کان جلد 80 ڪروڙ ڊالر وٺڻ جو يقين ڏياريو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي عملدارن نظرثاني ٿيل ايم اي ايف پي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف نظرثاني ٿيل ايم اي ايف پي تيار ڪندا، نئين ايم اي ايف پي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جو شيڊول شامل ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت هڪ ڀيرو ٻيهر ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ عملي سطح تي معاهدو ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.










