خانيوال (ويب ڊيسڪ) خانيوال ۾ آءِ ايس آءِ ڊائريڪٽر ۽ انسپيڪٽر جي مبينا قاتل آپگهات ڪري ڇڏيو.سي ٽي ڊي موجب ٿل جي علائقي ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران جوابدار پاڻ کي گولي هنئي، هن گرفتاري جي خوف کان ائين ڪيو.سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جوابدار ٻه هفتا اڳ خانيوال ۾ آءِ ايس آءِ ڊائريڪٽر ۽ انسپيڪٽر کي قتل ڪيو هو.










