ڊجيٽل آدمشماري جا انگ اکر منظور، چونڊ ملتوي ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين آدمشماري جي منظوري ڏني وئي.وزيراعظم هائوس ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن، شماريات اداري سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نئين آدمشماري بابت معاملن تي غور ڪيو ويو. شماريات وارو بيورو گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي آدمشماري بابت بريفنگ ڏني. ڪائونسل پاران ڏنل منظوري موجب پاڪستان جي جملي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک آھي. انھي مان پنجاب جي 12 ڪروڙ 77 لک، سنڌ جي 5 ڪروڙ 57 لک، خيبرپختونخواھ جي 4 ڪروڙ 8 لک، بلوچستان جي ھڪ ڪروڙ 49 لک ۽ اسلام آباد جي 23 لک 60 ھزار آھي. انھن انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ آبادي ۾ واڌ جي شرح 2.55، پنجاب جي 2.53، سنڌ جي 2.57، خيبرپختونخواھ جي 2.38، بلوچستان جي 3.20 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي ويئي آھي. واضح رھي تہ سنڌ سميت سمورا صوبا آدم ڳڻپ جي نتيجن جي معاملن تي رھيل ھئا. خاص طور تي سنڌ زور پئي ڀريو تہ سنڌ جي آبادي ست ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آھي پر آخر ۾ 5 ڪروڙ 57 لکن تي اتفاق ڪيو ويو آھي. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر مصطفيَ نواز کوکر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته نئين آدمشماري جي منظوري وارو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل آهي ۽ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي غير جمهوري فيصلي جا ذميوار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو