”گيم چينجر“ شاهد آفريدي به ڪتاب لکي ڇڏيو، ساٿي رانديگرن جا پول پڌرا

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) نامياري ڪرڪٽر شاهد آفريدي پنهنجي زندگي ببات هڪو ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ هن ساٿي رانديگرن بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن. صحافي وجاهت سعيد مطابق شاهد آفريدي وقار يونس کي سطحي درجي جو ڪپتان قرار ڏنوآهي. سندس ڪوچنگ جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته وقار يونس ڪوچ ٿيڻ بعدهن جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي جنهن سبب وقار يونس سان اختلاف ٿيا.آفريدي ڪتاب ۾ وقار يونس ۽ وسيم اڪرم جي وچ ۾ اختلافن جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شاهد آفريدي جاويد ميانداد سان به پنهنجي اختلافن بابت کلي بهث ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جاويد ميانداد کيس پسند نه ڪندو هو. بوم بوم پنهنجي گهريلو حالتن ۽ ذاتي زندگي جي به اهم پهلوئن تي ڳالهايو آهي. ڪتاب ۾ ڪشميرجي حوالي سان هن چيو آهي ته ڪشمير انڊيا ۽ پاڪستان جو نه پر ڪشمير ڪشميرين جو آهي. ياد رهي ته شاهد آفريدي جي ڪتاب “گيم چينجز” جي رونمائي تقريب ڇنڇر تي ٿيندي. اڳوڻي پاڪستاني رانديگر مشتاق احمد ٽوئٽ ۾ عوام کي ڪتاب پڙهڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته شاهد آفريدي بهترين ڪم ڪيو آهي. آفريدي چيو آهي ته ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن بدران حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪتاب پڙهو ۽ پوءِ راءِ قائم ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو