گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان ٻڌايو ته 30 ميمبرن جي صحيحن سان درخواست سينيٽ چيئرمين کي جمع ڪرائي آهي.ذريعن موجب 21 پيپلزپارٽي، 2 اين پي، هڪ جماعت اسلامي، 2 فاٽا ۽ دلاور خان جي آزاد گروپ جا 4 ميمبر شامل آهن.شيري رحمان ان موقعي تي چيو ته پي ڊي ايم جو جنازو نه نڪتو آهي اهو پيپلزپارٽي جو حق هو.

پهنجو تبصرو موڪليو