گيس جي کوٽ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جا هڪٻئي تي الزام

ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جيان اڪثر شهرن ۾ گيس جو پريشر گهٽ هئڻ ڪري عوام پريشان آهي. 6 ڏينهن مسلسل سي اين جي اسٽيشن بند هئڻ سبب جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات 10 وڳي اوچتو گيس اسٽيشن کلڻ جي اعلان بعد گيس اسٽيشنز ٻاهران وڏيون قطارون لڳي ويون پر ڇنڇر تي صبح جو اوچتو پريشر گهٽ هئڻ جو سبب ڄاڻائي وري گيس اسٽيشنز بند ڪيون ويون. سنڌ ۾ گيس جي کوٽ سبب صنعتون به بري طرح متاٿر ٿيون آهن ۽ ماڻهو بي روزگار ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ گيس جي کوٽ بابت وفاقي ۽ سنڌ حڪومت هڪٻئي تي نا اهلي جا الزام هڻي رهيا آهن. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب جو چوڻ آهي ته گيس بحران سنڌ حڪومت هٿ سان پيدا ڪيو آهي. هو ايل اين جي خريدڻ لاءِ تيار ناهن ۽ 2 گيس پائپ لائنون وڇائڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن جنهن سبب گيس جي کوٽ آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي ناڪامي ۽ نااهلي جو الزام سنڌ تي هڻي جان پئي ڇڏائي. هن چيو ته آئين موجب جنهن صوبي مان گيس نڪرندي اڳ ۾ ان جو حق آهي، سنڌ مان ڪل ملڪي پيداوار جو 70 سيڪڙو گيس پيدا ٿئي ٿي جيڪا مرڪز کڻي ٿو وڃي. هن چيو ته جڏهن سنڌ وٽ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ گيس آهي ته اسين مهانگي ايل اين جي ڇو خريد ڪريون؟. ياد رهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ گيس پاور سيڪٽر يعني 33 سيڪڙو استعمال ڪري ٿو، گهريلو شعبي ۾ 21 سيڪڙو ۽ فرٽيلائيزر 19 سيڪڙو گيس استعمال ڪري ٿو. پاڪستان دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ سي اين جي گاڏين وارو ملڪ آهي، ڪل گاڏين جو 21 سيڪڙو سي اين جي تي هلن ٿيون. اڪنامڪ سروي رپورٽ موجب چين، ڀارت، ايران، برازيل، اٽلي ۽ ارجنٽينا کان به اڳتي آهي. ڀارت ۾ 10 لک گاڏيون آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ 30 لک گاڏيو گيس تي هلن ٿيون ۽ ملڪ ۾ 3329 سي اين جي اسٽيشنز آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو