ڪشمور(اصغر علي چانڊيو ) ايل پي جي گيس تي ھلندڙ مسافر وينن خلاف ڪشمور پوليس ڪارروائي ڪندي مختلف روٽن تي هلندڙ 14 مسافر وينون تحويل ۾ وٺي وين مالڪن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڪجهه وقت اڳ ڪشمور ٽول پلازا وٽ ھانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو مسافر وين کي باھ لڳڻ سبب 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جنهن بعد انتظاميا طرفان سي اين جي مسافر وين گاڏين تي پابندي لڳائي وئي ته گيس سلينڊر گاڏي ۾ ٽرانسپورٽر استعمال نه ڪن جنھن بعد ڪشمور ۾ مسافر مالڪن ڀڃڪڙي ڪندي ٻيھر گيس سلينڊر فٽ ڪري گاڏين ۾ مسافرن جي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي هئي.
پوليس اڄ ڪارروائي دوران 14 وينون ڊرائيورن سميت پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڪرائم نمبر2019 /243 285.286.186.506-2 تحت ڪشمور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.