گهوٽڪي واسي پورهيت جي تدفين، ملزم رمانڊ تي پوليس حوالي

ملير (ن س) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ۾ گذريل ڏينھن جوابدار  محمد ڪامران جي ھٿان ڇرين جي حملي ۾ قتل ٿي ويل گھوٽڪي واسي سنڌي نوجوان اعجاز رڪ جي جنازي نماز پپري فٽبال گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس آلين اکين سان دفنايو ويو. سندس جنازي نماز ۾ ڪيترائي ماڻهو شريڪ ٿيا. ٻئي پاسي پوليس سندس قتل جو اعتراف ڪندڙ جوابدار ڪامران کي دهشت ٽوڙ عدالت جي جج عبدالمالڪ آڏو پيش ڪري  4 ڏينهن جو رمانڊ ورتو آهي. گرفتار جوابدار پنھجي اعترافي ويڊيو بيان ۾ پوليس کي ٻڌايوهو تہ هن پنھنجي دوستن حفيظ ۽ اسلم جي چوڻ تي اعجاز رڪ کي قتل ڪيو. ڪيس جي جاچ آفيسر جو چوڻ آھي ته فرار جوابدار گرفتار ڪرڻ لاء مختلف جڳھن تي  ڇاپا ھڻي رھيا آھيون.

هوڏانهن هڪ ٻئي اهم خبر موجب پپري جي ڳوٺ حاجي شير علي گبول جي رهواسي ڪرم الدين گبول جي ڇهن ورهين جي نياڻي عطائي ڊاڪٽر جي مبينه غلط انجيڪشن سبب فوت ٿي وئي. اطلاع تي وارثن سميت علائقي واسي گڏ ٿي ويا ۽ عطائي ڊاڪٽرخلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي، ڊاڪٽر ڪلينڪ بند ڪري فرارٿي ويو. مظاهرين چيو ته عطائي ڊاڪٽرلالچي آهن ۽ پئسن ڪمائڻ لاءِ غلط مدي خارج دوائون ۽ سيون هڻي انساني جانين سان کيڏي رهيا آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر رتن ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چوڪري کي دستن ۽ الٽين سبب اڳ ۾ ئي ڪمزوري هئي، مون سندس حياتي بچائڻ جو ڪوشش ڪئي پر خدا کي شايد اهو منظور نه هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو