گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي جي تعلقي قادرپور ۾ سنڌو درياهه تي قائم پراڻي شينڪ زمينداري بند ٽٽي پيو.ڊيم ٽٽڻ کان پوءِ 100 فوٽ ويڪرو شگاف پوڻ سبب پاڻي مقامي آبادي ڏانهن وهڻ لڳو.مقامي ذريعن موجب ڊيم ٽٽڻ سبب 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڪپهه، ڪمند ۽ چانورن جي فصلن ۾ ٻوڏ اچڻ جو خدشو آهي.آبپاشي کاتي جي ايڪسين خورشيد کوکر چيو آهي ته پراڻي شينڪ زمينداري ڪو سرڪاري ڊيم ناهي، مقامي ماڻهن پنهنجا فصل ۽ گهر بچائڻ لاءِ اهو ڊيم ٺاهيو هو،هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي جا سمورا حفاظتي بند مضبوط آهن، جن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، هن وقت سنڌو درياهه جي موڙ وٽان وچولي سطح جو فلڊ چينل گذري رهيو آهي.
