گهوٽڪي رهواسي سعودي ۾ ماڙ تان ڪري فوت

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) گهوٽڪي لڳ ڊنگ ملوڪ والي جو رهواسي 38 سالن جو نوجوان  اصغر علي پٽ محمد حسين ميراڻي سعودي عرب جي جدي ۾ مزدوري ڪندي 6 منزل بلڊنگ تان ڪري فوت ٿي ويو آهي اهڙي اطلاع بعد سندس جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ان موقعي تي وارثن چيو ته اسان جو نوجوان ڪمائي جي سانگي ويل هو جيڪو فوت ٿي ويو آهي هنن چيو ته ان جي مڙه کي پاڪ ملڪ ۾ دفنايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو