گهوٽڪي جون25 فلورملزسيل 9 لک ٻوريون گم، نوشهري ۾ڪروڙن جي ڪرپشن

خانپورمهر/ نوشهروفيروز/ڏهرڪي ( نمائندن وٽان) نيب سکر جي اسسٽنت دائريڪٽر رضوان احمد ٻڌايو آهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪڻڪ جون 9 لک سرڪاري ٻوريون گم آهن جن جي ماليت 2 ارب 70 ڪروڙ روپيا آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ 25 فلور ملون سيل ڪري ڇڏيون آهن. اهڙو اظهار هن خانپور مهر جي راجا فلور ملز تي ڇاپي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌيار جي نمائندي حميد سيال موجب جڊيشنل مئجسٽريٽ ميرپورماٿيلو جي موجودگي ۾ نيب سکر جي ٽيم خانپورمهر ۾ راجا فلور مل تي ڇاپو هنيو ،ڇاپي دوران فلور مل عملو فرار ٿي ويو ،نيب ٽيم فلور مل اندر ڪڻڪ جو اسٽاڪ چيڪ ڪرڻ بعد فلور مل سيل ڪري ڇڏي. هوڏانهن نيب سکر جي ٽيمن نوشهروفيروز ۽ ڏهرڪي ۾ ڌار ڌار ڇاپن ۽ ڪارواين ۾ خوراڪ کاتي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي اطلاعن بعد هڪ پاسي فوڊ جا گدام سيل ڪيا آهن ته ٻئي پاسي فلور ملز خلاف قدم کينو آهي. نوشهرو فيروز مان سنڌيار جي نمائندي مشتاق حسين مري موجب مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ضلعي جي ٽن گودامن جي ڳڻپ ٿي گذري، 52 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ غائب، وڌيڪ 4 گودامن جي ڳڻپ رهيل. خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي گودامن مان مبينه طور تي 6 لک ڪڻڪ جون ٻوريون غائب هجڻ واري اطلاع تي نيب سکر جي ٽيم نوشهروفيروز پهچي مورو، پڊعيدن، نورپور، درٻيلو، ڪنڊيارو ۽ نوشهروفيروز جي فوڊ گودامن ۽ ڊي ايف سي آفس کي مهرون هڻي سيل ڪرڻ بعد ضلعي جي ٽن گودامن جي ڳڻپ ڪئي جنهن مان 52 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ غائب ٻڌائي پئي وڃي.

مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ سکر جي نيب ٽيم ٽن گودامن پي آر سي ون ,نورپور ۽ درٻيلو ۾ پيل ڪڻڪ جي  ڳڻپ تي گذري. درٻيلو گودام جي رڪارڊ  ۾ 68823 ٻوريون ڏيکاريل آهن پر ڳڻپ وقت هڪ ٻوري به نه ملي، جڏهن ته محرابپور جي گدام ۾ ڏيکاريل 14183 ٻورين مان صرف 2 ٻوريون پيل آهن ۽ ڪنڊيارو گدام ۾ 74119 ڪڻڪ جي ٻورين مان هڪ به موجود ناهي. پڊعيدن ۽ مورو جي ڳڻپ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ڪئي ويندي. هوڏانهن ڏهرڪي ۾ نيب سکر جي هڪ ٻئي ٽيم ڇاپا هڻي 7 فلور ملز کي سيل ڪري ملز جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي. نيب ڊائريڪٽر رضوان شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ڏهرڪي جي فقير فلور، سماجي فلور ملز، ايس ايس ڊي، شاهين، ڏهرڪي، عبدالحق ۽ فائيو اسٽارملز تي ڇاپا هنيا ويا. اُن موقعي تي ڏهرڪي جو مختيارڪار ۽ پوليس اهلڪار به نيب جي ٽيم سان گڏ هئا. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن فلور ملز ۾ سرڪاري ڪڻڪ جون 80 هزار ٻوريون رکڻيون هيون پر هتي هڪ به ٻوري نٿي رکي وڃي. نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته فلور ملز مالڪن حڪومت سان ملي ڀڳت ڪري قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آهي. نيب ٽيم فلور ملز مالڪان جي به داخلا بند ڪري ڇڏي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ نيب، ڪنڌ ڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ خيرپورضلعن ۾ فوڊ جي گدامن تي ڇاپا هڻي گدام سيل ڪيا هئا ۽ عملي جي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو هو. نيب جي ڪاروائي کان بچڻ لاءِ گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن ڇاپو هنيو ۽ 14 ڪروڙن جي ڪڻڪ غائب هجڻ جو اعلان ڪيو. گهوٽڪي فوڊ گدامن جي ڪرپشن ۾ فلورملز به ملوث ڄاڻايون ويون پر ڪنهن مل خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي. گهوٽڪي جي اڪثر فلور ملز ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل مهرن ۽ ڌاريجن جا شيئر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو