گهر تي قبضي خلاف اوڏ برادري جو احتجاج، انصاف ڏيو

سکر(بيورو رپورٽ) روهڙي جي رهواسي اوڏ برادري جي گهر تي قبضي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ مومل، ساگر ۽ گڙيا ٻڌايو  ته جوابدار ضمير شر، پرويز شر ۽ ٻين اسان جي گهر تي قبضو ڪيو آهي. 4 سيپٽمبر تي جوابدارن اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو هو. اهڙي واقعي جو ڪيس ڇوهارا منڊي چوڪي تي داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي ابتو اسان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو