گل ويلفيئر جي نون چونڊيل عهديدارن جي تقريب حلف برداري

عادلپور(ن س) گل ويلفيئر ايسو سيئيشن جي نون چونڊيل عھديدارن ۽ انتظامي ڪاميٽي جي ميمبرن جي  حلف برداري تقريب آرگنائيزر، سينئر صحافي اعجاز مھر  جي صدارت ۾ 8 اپريل تي  ڳوٺ عارب مھر ۾ منعقد ٿي.

جنھن ۾ آرگنائيزر نون عھديدارن کي حلف کڻايو۽ بعد ۾ گل ويلفيئر جي صدرديدارعلي انتظامي ڪاميٽي جي ميمبرن کي  قسم کڻايو. ان موقعي تي چونڊيل عهديدارن ۽ مهمانن پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ تنظيم کي هڪ دفعو ٻيهر منظم ۽ سرگرم ڪرڻ جا وچن ڪيا، علائقي ۽ ڳوٺ واسين سان مڪمل سهڪار ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ ڳوٺ جي ترقي ۽ خوشحالي لاء پاڻ پتوڙڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ جو وچن ڪيو. استاد بشير احمد چيو ته وڏي وقت کان پوء تنظيم جي ٻيھر سرگرم ٿيڻ سان خوشي ٿي آهي. ذاڪر حسين چيو ته اسان کي سينئر دوستن کان سڪڻ جو موقعو ملندو. استاد محمد عثمان چيو ته هي خدمت جو ڪم آهي ۽ وڏ ماڻهپو اهو آهي ته غريب ڳوٺاڻن جي خدمت ڪريو. هن چيو ته عهديدارن کي جاني ۽ مالي قرباني ڏيڻ لاء تياررهڻ گهرجي. استاد عبدالغني چيو ته اسان کي نوجوانن ۾ تمام گھڻي اميد آھي. هن چيو ته اسان کي ٻين جي ڪم اچڻ ۽ خدمت ۾ دلي سڪون ملندو آھي.

سينئر ساٿي ۽ ٽرينرحسين سارنگ تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ، رٿابندي ۽ تنظيم کي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ بابت ڪارائتا مشورا ڏنا. هن چيو ته نوجوانن کي ناڪامي واري خوف مان ٻاهر ڪڍڻو آهي. ڪامريڊ محمد مٺل چيو ته تنظيم جي سرگرم ٿيڻ تي ڪجهه ماڻهون پروپيگنڊه ڪري رهيا آهن ۽ هي اهي ماڻهون آهن جيڪي اڄ به گل ويلفيئر جي ڪمائي کائي رهيا آهن. هن نوجوانن کي همٿائيندي چيو ته اوهين ڪم ڪريو فضول تنقيد تي ڌيان نه ڌريو. اعجاز مھرمختلف سرگرمين بابت مشورا ڏنا ۽ چيو ته نوجوانن کي ٽيڪنالوجي ۾ دلچسپي وٺڻ گهرجي. دنيا ۾ ٿيندڙ جديد تحقيق بابت خبرون شيئر ڪريو. هن چيو ته وڻڪاري، روڊ رستن جا کڏا پورڻ ۽ صفائي تي ڌيان ڏيو، اڄڪلهه مڇرن جو آزار آهي ۽ نوان عهديدار واسطيدار کاتي سان رابطو ڪري مڇر مار اسپري ڪرائين. ان موقعي تي چونڊيل عهديدارن چيو ته هو ڳوٺاڻن جي اميدن تي پورا لهندا. ڪجهه دوستن ان موقعي تي تنظيم لاءِ فرنيچر ۽ روڪ رقم جي ڊونيشن جو به اعلان ڪيو. پروگرام جي پڄاڻي تي سجاد علي سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ آفيس سيڪريٽري حسن عهديدارن پاران گهرايل لڏون پڻ ورهايا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو