گلگت ۽ ڪشمير بابت پاڪستان ڀارت جو نئون نقشو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڀارت پاران والاريل ڪشمير، گلگت ۽ آزاد ڪشمير کي ڀارتي علائقا ظاهر ڪرڻ بابت جاري ڪيل نقشي کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو عمل گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي. ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ڀارت پاران جاري ڪيل نئون نقشو بلاجواز آهي ۽ ان جي ڪاحيثيت ناهي. ڀارت جي وزير داخله گذريل ڏينهن جمون ۽ لداخ جي سرحدي هدن بابت بريفنگ ڏيندي نئون نقشو جاري ڪيو هو جنهن ۾ والاريل ڪشمير، آزاد ڪشمير ۽ گلگت کي ڀارت جو حصو ڄاڻايو هو. ترجمان چيوته ڀارت جو ڪو به قدم ڪشمير جي حيثيت تبديل نٿو ڪري سگهي ڇو ته هي گڏيل قومن جو اعلانيل تڪرار مسئلو آهي. ياد رهي ته ڀارت 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ بابت صدارتي فرمان جاري ڪيو هو جيڪو ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو هو ۽ معاملو عدالت ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو