گارڊ جي قتل جي الزام ۾ زال ۽ سندس عاشق گرفتار

سترموري(ن س) ٽنڊو محمد خان ۾ قتل ٿيل سيڪورٽي گارڊ جي گهرواري ۽ سندس مبينه عاشق کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او سٽي ذوالقرنين شيخ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايوته ملزم جي مقتول جي زال سان دوستي ھُئي ۽ سندس گهر ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندوھو. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٽنڊومحمدخان جي علائقي مشترڪا ڪالوني ۾ نجي ڪمپني جي سڪيورٽي گارڊ چاليهه سالا وزيرعلي ڇلگري جي قتل جي الزام ۾ گل محمد نوناري ۽ مقتول جي زال روشنا کي چوويهن ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري ورتو آھي. هن ٻڌايو ته  اڄ صبح پوليس کي اطلاع مليو ته مقتول گارڊ جو لاش هڪ نامعلوم شخص سول اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي. پوليس فوري طور تي ايس ايس پي جي ھدايت تي ڪارروائي ڪندي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي زال جي بيان بعد گل محمد نوناري کي گرفتار ڪيو جنهن انڪشاف ڪيو آھي ته سندس فوتي سان تلخ ڪلامي ٿي ھئي ۽ ھاٿا پائي به ٿي، مقتول ڇري لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس زال اسپتال پهچائي کسڪي وئي. وڏي منشي اسماعيل ابڙو ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو