ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته امڪاني ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي هيستائين 109,320 ماڻهن کي ڪچي وارن علائقن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي۔ هڪ بيان ۾ شرجيل انعام چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14,430 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 27,801 ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، جن مان لڳ ڀڳ 6,900 مريضن جو علاج گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيو ويو۔ بيان موجب، هن چيو: ” امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي ڏسندي ڪچي جي علائقن مان ماڻهن کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي“۔ ان سان گڏ، 346,000 کان وڌيڪ مال مويشي به منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 754,500 کان وڌيڪ کي ويڪسينيشن پڻ ڏني وئي آهي۔ ياد رهي ته پنجاب جي ٻوڏ وارو پاڻي پنجند تي پهچڻ شروع ٿي ويو آهي جيڪو ٻن ڏينهن تائين گڊو بيراج پهچندو. سنڌ جي ٽنهي بيراجن تي ننڍي ٻوڏ آهي ۽ في الحال خطرو ناهي.










