گنڊاپور جي استعيفا گورنر حوالي، آفريدي کي پروٽوڪول ملي ويو

گنڊاپور جي استعيفا گورنر حوالي، آفريدي کي پروٽوڪول ملي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سلمان اڪرم راجھ تصديق ڪري ڇڏي آهي ته عمران خان گنڊاپور کي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪندي سهيل آفريدي کي ڪي پي ڪي جي وڏ وزارت لاءِ نامز ڪيو آهي. ڪي پي ڪي اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ کي 91 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. جنهن بعد علي امين گنڊاپور چيو ته وڏ وزارت عمران خان جي امانت هئي جيڪا کيس هو واپس ڪري رهيو آهي. هن خان جي فيصلي موجب پنهنجي استعيفا گورنر ڪي پي کي موڪلي ڇڏي آهي. جنهن بعد نامزد وڏي وزيرسهيل آفريدي کي رات دير سان مليل اطلاعن موجب وڏي وزير جو پروٽوڪول به ملي ويو آهي. سهيل آفريدي هن وقت خيبر پختونخواهه جو اعليٰ تعليم وارو وزير آهي. چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته عمران خان فيصلو حتمي آهي جيڪو سڀ مڃڻ جا پابند آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ جا افواهه ڪوڙا آهن. علي امين گنڊاپور گورنر کي استعيفيٰ موڪليندو. سلمان اڪرم راجا موجب، سهيل آفريدي کي خيبرپختونخواهه جو نئون وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي.خيبرپختونخواهه جو متوقع وڏو وزير سهيل آفريدي، خيبر ضلعي سان تعلق رکي ٿو. هو پي ڪي 70 کان پوءِ پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. سهيل آفريدي ڊگهي عرصي تائين انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪي پي جو صدر رهيو.سهيل آفريدي موجوده حڪومت ۾ مواصلات ۽ ورڪس بابت وڏي وزير جو خاص مددگار رهيو. صوبائي ڪابينا ۾ تبديلي کان پوءِ سهيل آفريدي کي اعليٰ تعليم جو وزير بڻايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو