پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي 6 ضلعن ۾ 12 خالي مڪاني ادارن جي سيٽن تي ضمني چونڊن لاءِ ووٽنگ جاري آهي،عورتن، مزدورن، هارين ۽ نوجوانن جي خالي سيٽن تي ووٽنگ شام 4 وڳي تائين جاري رهندي.ڊيرا اسماعيل خان جي 3 ڳوٺ ڪائونسلن ۾ جنرل، نوجوان ۽ عورتن جي سيٽن تي ووٽنگ ٿي رهي آهي. ضلعي ۾ ووٽرن جو تعداد 25,000 آهي، جن مان 11,500 عورت ووٽر آهن،مالاڪنڊ ۾ ڳوٺ ڪائونسل سخاڪوٽ جي هڪ جنرل سيٽ تي ووٽنگ جاري آهي. ايبٽ آباد، مانسهره ۽ اپر دير ۾ به ووٽنگ جاري آهي،اليڪشن ڪميشن موجب، ڪل 66 پولنگ اسٽيشن ۽ 201 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن،اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 23 پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 5 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.










