ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ آڏو ڪي اليڪٽرڪ طرفان 40 ارب رُپين کان وڌيڪ معاملن تي اسٽي آرڊرز وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نيپرا چيئرمين ڪي اليڪٽرڪ طرفان اسٽي آرڊرز جي فهرست سُپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي، نيپرا چيئرمين عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته نجي ڪمپني کان بجلي خريد ڪرڻ تي به اسٽي ورتو ويو آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي هر منصوبي ۾ گڙٻڙ آهي، بجلي جي واهپيدارن جو جيترو پئسو ٺهي ٿو، ڪي اليڪٽرڪ اُهو واپس ڪري، سُپريم ڪورٽ کي ڪي اليڪٽرڪ جي فارينزڪ آڊٽ ڪرائڻ جي به استدعا، عدالت طرفان اٽارني جنرل کي ڪراچي ۾ بجلي جي مستقل فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت جو پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سُپريم ڪورٽ طرفان ڪي اليڪٽرڪ تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪدي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اڌ ڪراچي بجلي کان محروم آهي، 2 ڏينهن اڳ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارن اڌ ڪراچي جي بجلي بند ڪري ڇڏي، هنن جو دماغ ٺيڪ آهي، هي ڪير ٿيندا آهن بجلي بند ڪرڻ وارا،. عدالت چيو ته ماڻهو مرن ٿا ۽ هي وري هاءِ ڪورٽ وڃي 50 هزار رُپين عيوض ضمانت ڪرائين ٿا، هاءِ ڪورٽ اِن ڪم لاءِ ويٺي آهي، اسان ماڻهن کي هنن جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏينداسين، نيپرا چيئرمين عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته گئس، فيول ۽ بجلي جي پيداوار تائين ڪي اليڪٽرڪ جا سمورا معاملا خراب آهن، چيف جسٽس چيو ته جنهن ڪمپني جو مالڪ جيل ۾ هجي، اُن مان ڪهڙي اُميد، اسان جي حڪومت جو حال ڏسو، اهڙي ڪمپني کي ڪراچي ڏئي ڇڏي آهي، هنن کي جيلن ۾ ڪوبه مسئلو نه آهي، هي جيلن ۾ انجواءِ ڪندا آهن، پر جڏهن کيسي تي ڳالهه اچي ته ساهه نڪري ويندو اٿن، ڪي اليڪٽرڪ تي ڳرو ڏنڊ لڳڻ گهرجي. هن هفتي ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪندڙ بينچ نمبر ون خميس تي نالن جي صفائي واري ڪيس جي به ٻڌڻي ڪئي. عدالت سنڌ ۾ اين ڊي ايم اي جي مخالفت ڪندي ڪم بند ڪرڻ بابت درخواست رد ڪندي چيو ته اين ڊي ايم اي کي نالن جي صفائي لاءِ چيو آهي، اُها جاپان کان نه آئي آهي، سنڌ حڪومت عوام جون ڏکيائيون گهٽائي. ان دوران سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نالن جي صفائي بابت ٻڌڻي دوران صوبائي حڪومت طرفان ڪراچي ۾ 3 آگسٽ تائين ٿيل نالن جي صفائي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. چيف جسٽس گلزار احمد اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته نالن جي صفائي ٿي رهي آهي ته برساتي پاڻي ڪيئن بيهجي ويو؟ جيئن ٻين هنڌن تي ڪم ٿيندو آهي، ڪراچي ۾ به اهڙو ڪم ٿيو، سنڌ حڪومت نالا صاف ڪري رهي هئي ته اين ڊي ايم اي ڇو آئي؟ اي جي سنڌ چيو ته خبر ناهي ڇو آئي؟ چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ٻن نالن جي صفائي واريون تصويرون ڏيکاري چئو ٿا سڄو ڪراچي صاف ڪري ڇڏيو، جسٽس اعجاز الاحسن اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چاهيو ٿا ته اين ڊي ايم اي کي ڪم کان روڪي ڇڏيون. هڪ ته پاڻ ڪم نٿا ڪريو ۽ ٻين کي به ڪرڻ نٿا ڏيو.
