ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا چيف سيڪريٽري کي ڪيڊٽ ڪاليج جي 60 ملازمن جي پگهارن ۽ کين پڪو ڪرڻ وارو مسئلو ٻن مهينن ۾ حل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ملازمن جي پگهارن واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي ڪيڊٽ ڪاليج جي 60 ملازمن پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ 2017 کان بند پيل پگهارون جاري ڪرڻ ۽ مستقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي عدالت پاران ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو عدالت پرنسپال جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ايس ايس پي سکر کي 7 مئي تي پرنسپال کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو