اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) ڪينيڊا جي قومي هاڪي ٽيم جي پاڪستان دوري جي باضابطه تصديق ڪري ڇڏي آهي.پي ايڇ ايف موجب، ڪينيڊا جي قومي هاڪي ٽيم فيبروري 2027ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي.پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين واني چيو آهي ته ڪينيڊين ٽيم جو پاڪستان اچڻ ملڪ ۾ عالمي هاڪي جي بحاليءَ ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته دوري دوران مهمان ٽيم لاءِ مثالي انتظام ڪيا ويندا ۽ ڪينيڊا جي ٽيم جي آجيان ڪئي ويندي. محي الدين واني موجب، هن دوري سان پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ راندين جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. پي ايڇ ايف جي صدر چيو ته پاڪستان ۾ عالمي هاڪي مقابلن جي بحاليءَ ۽ انعقاد لاءِ ڪوششون جاري رهنديون.










