ڪيمپ جيل ۾ سعد رفيق ۽ فواد حسن فواد جي بيرڪ کي باهه

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪيمپ جيل ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي بيرڪ ٻاهران باهه لڳڻ سبب معمولي زخمي ٿي پيا. جيل عملي باهه وسائي ورتي پر ريسڪيو وارن کي نه گهرايو ويو. فواد حسن فواد کي آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ مبينه خرد برد ۽ اختيارن جي غلط استعمال سبب 5 جولاءِ 2018 تي گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن ته خواجه سعد رفيق کي پيراگون هائوسنگ اسڪيم ۾ مبينه ڪرپشن سبب 11 ڊسمبر 2018 تي گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو