ڪيلن جي فصل مان تازو ڄاول ٻار هٿ، اين جي او حوالي

سترموري(ن س) شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ۾ ڪيلن جي فصل مان تازو ڄاول ٻار زندهه حالت ۾ ھٿ ڪيو آيو آهي، اطلاع تي پوليس معصوم کي اسپتال پھچايو جتي کيس علاج ڪرايو ويو جڏھن ته ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ذوالفقار علي ٽالپر جي حڪم تي  مليل نينگر کي ساٿ فلاحي تنظيم جي اڳواڻ شھزاد بوزدار جي حوالي ڪيو ويو ته جئين ننڊڙي ٻار کي ڪنھن سٺي خاندان جي حوالي ڪيو وڃي ته جئين ھن معصوم جو مستقبل روشن ٿئي ۽ دنيا جون ھر خوشيون ماڻي سگھي ھن سلسلي ۾ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ذوالفقار علي ٽالپر جو چوڻ آهي ته ھارين ۽ ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ھن معصوم نيگر کي ڪيلن جي فصل مان پوليس صحيح سلامت قبضي ۾ ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو