ڪيريئر جي شروعات ۾ اقربا پروري بابت سوالن کي منهن ڏنو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا عاليا ڀٽ چيو آهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا اقربا پروري بابت سوالن کي منهن ڏيڻو پيو. پرڏيهي ميڊيا سان هڪ انٽرويو دوران عاليا ڀٽ چيو ته هوءَ جڏهن فلمن ۾ آئي ته پاڻ کي آرام جي خبر پئي.هن چيو ته مون کي خبر هئي ته منهنجي خاندان جو تعلق فلم انڊسٽري سان آهي ان ڪري منهنجو فطري طور ان طرف رجحان هو پر منهنجي پيءُ مون کي ڪڏهن به نه چيو ته جيڪڏهن تون هڪ ڏينهن اداڪاري ڪرڻ چاهين ٿي ته مان توکي فلم ٺاهي ڏيندس.هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پيءُ منهنجي پرورش اهڙي ناهي ڪئي، منهنجي ماءُ به هڪ اداڪارا جي حيثيت سان مشڪلاتن کي منهن ڏنو، ڪيترن ئي ماڻهن کي ان جي خبر ناهي.هن چيو ته منهنجي ماءُ هڪ اداڪاره جي حيثيت سان هميشه ڪم جي ڳولا ۾ رهندي هئي، هوءَ پنهنجي اداڪاري ذريعي ڪم حاصل ڪندي هئي. عاليا ڀٽ چيو ته ان وقت مون سوچيو هو ته وڏي اداڪارا نه ٿي سگهيس ته به پنهنجي شوق مان لطف اندوز ٿيڻ جو رستو ڳولي وٺندس.اقربا پروري بابت ڳالهائيندي اداڪارا خابرو چيو ته جڏهن ڪنهن مون کان ان بابت سوال ڪيو ته منهنجو ردعمل ڏاڍو دفاعي هوندو هو.هن چيو ته مان سمجهندو هوس ته مان ايتري محنت ڪريان ٿو، پوءِ توهان مون کان اهي سوال ڇو پڇي رهيا آهيو؟ هن چيو ته وقت گذرڻ سان توهان کي احساس ٿيندو آهي ته توهان کي زندگي ۾ محنت ڪرڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو