ڪوچ جي ٽڪر ۾ 3 موٽرسائيڪل سوار نوجوان ڪرڪٽرفوت

مانجهند(رپورٽ مهراڻ يوسف عمراڻي) ڄامشورو مان نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کيڏي واپس خاڻوٺ طرف ايندڙ موٽر سائيڪل سوار 20 ورهين جوعلي ظفر دائيداڻو لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جي ٽڪر ۾ موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ساڻس گڏ 30 ورهين جو عابد علي کوسو، 22 ورهين جو گل حسن ڪوريجو زخمي ٿي پيا. فوتي ۽ زخمين کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو، جتي ٻنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب ڪراچي منتقل ڪيو ويو پر ٻئي زخمي پڻ فوت ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. ڄامشورو پوليس ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڇڏي جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٽنهي فوتين جو تعلق خاڻوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن سان آهي، جن تدفين ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو.

پهنجو تبصرو موڪليو