ڪورونا پابندين ۾ 13 اپريل تائين واڌ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ڪورونا جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ لڳايل پابنديون 13 اپريل تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اين سي او سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سربراهه اين سي او سي اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ موجوده پابنديون 13 اپريل تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اين سي او سي موجب رمضان المبارڪ جي دوران پابندين بابت اجلاس 12 اپريل تي ٿيندو جنهن ۾ پابندين تي عمل ڪرڻ واري طريقي تي غور ڪيو ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ  آپريشن  سينٽر موجب ويڪسين جي ڪافي مقدار اپريل جي مهيني دوران پهچڻي آهي.اجلاس ۾ رمضان جي دوران ويڪسينيشن پلان جو به جائزو ورتو ويندو. ياد رهي ته اين سي او سي نئين ڪورونا جي ٽئين لهر سبب پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪيسز کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ 11 اپريل تائين مختلف پابنديون لاڳو ڪرڻ جو  اعلان ڪيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو