ڪورونا وگهي وڌيڪ 131فوت،5 هزارکان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا وائرس وگهي  وڌيڪ 131  ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد مجموعي فوتگين جو انگ 17 هزار 811 ٿي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 099 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ مجموعي انگ 11لک78هزار812 ٿي ويوآهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ وڌيڪ 5 هزار 112 مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 8لک20هزار823 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 82 هزار 445، پنجاب ۾ 3 لک هڪ هزار،114، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 17 هزار 557، اسلام آباد ۾ 75 هزار 067، بلوچستان ۾ 22 هزار 278، آزاد ڪشمير ۾ 17 هزار 057 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 305 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو