ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ دنيا جي 13 ملڪن ۾ تعليمي ادارا بند آهن جنهن سبب 29 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان محروم ٿيا آهن. 80 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس پهچي ويو آهي 95 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، مرندڙن جو تعداد 3200 ٿي ويو آهي. پوري ايران م وائرس پکڙجي ويو آهي. اٽلي ۾ مرندڙن جو انگ 100 کان مٿي ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ 11 ماڻهو ۽ چين ۾ 32 ماڻهو مري ويا آهن.پي آءِ اي چين لاءِ اڏامن جي معطلي وڌائي ڇڏي آهي. ورلڊ بئنڪ پاران ڪورونا متاثرن لاءِ 13 ارب ڊالر جي امداد بعد آءِ ايم ايف به 50 ارب دالر جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي رياست ڪيليفورنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي. سامونڊي جهاز ۾ سوار هڪ مسافر جي موت کانپوءِ جهاز کي روانگي کان روڪندي مسافرن جي چڪاس ڪئي پئي وڃي.
