ڪورونا ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 100 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا جي ٽئين لهر شدت اختيار ڪري وئي آهي. موتمار وائرس اڄ به 100 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 069 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 10.698.99 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 5 هزار 139  هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان  ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 715.968 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 88 هزار 284، پنجاب ۾ 2 لک 45 هزار 923، خيبرپختونخواهه ۾ 97 هزار 318، اسلام آباد ۾ 5 هزار 902، بلوچستان ۾ 20 هزار 178، آزاد ڪشمير ۾ 14 هزار 280 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 103  مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 73 هزار 078 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 100 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو انگ گڏيل طور تي 15 هزار  329 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 772 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 561، 627 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو