ڪوئٽه ڌماڪو خودڪش هو حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ناهي ٿي،شيخ رشيد

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪوئٽه ڌماڪو خودڪش هو ۽ حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.رپورٽ موجب گهرو وزير شيخ رشيد احمد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪوئته ڌماڪو خودڪش هو جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، ڪوئٽه ڌماڪي ۾ 60 کان 80 ڪلو گرام تائين ڌماڪيدار مواد استعمال ٿيو. هن چيو ته چيف سيڪريٽري کان فوري جاچ جو چيو آهي. خودڪش حملو ڪندڙ گاڏي ۾ ويٺل رهيو جنهن کان پوءِ ڌماڪو ٿيو. حملو ڪندڙ جي ڪابه سڃاڻپ ظاهر ناهي ٿي سگهي.شيخ رشيد احمد چيو ته 3 لک سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڀارت مان گذريل 10 ڏينهن کان کليل آهن. پاڪستان کي اندر کان غير مستحڪم ڪرڻ  جون پرڏيهي ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته گوادر پاڪستان جي ترقي جو مرڪز ۽ چين اسان جو دوست آهي. پاڪستان جي معيشت ٽيڪ آف ڪي رهي آهي. ان لاءِ وڏن شهرن ۾ موجود دشمن امن امان کي خراب ڪري رهيا آهن. پر پاڪستان اڳيان وڌندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو.گهرو وزير چيو ته سمورن سيڪيورٽي ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. عظيم فوج ۽ ايجنسيون اسان جي طاقت آهن ۽ انهن جي مدد سان دشمن تي قابو ڪنداسين. پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) منظم ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان امن امان بابت اهم قانون قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ چاهيون ٿا. 22 ادارن کي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو