ڪوئيٽا جي علائقي اسپني روڊ تي ڌماڪو، حملي آور مارجي ويو

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي علائقي سپني روڊ تي ڌماڪي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو.بلوچستان جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪيدار مادو حادثاتي طور تي ڌماڪو ٿيو ۽ واقعي واري هنڌ تان ڪو به آپگهاتي ويسٽ يا ان جا آثار نه مليا.بلوچستان پوليس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مبينا دهشتگرد تخريبڪاري جي مقصد لاءِ بارودي مواد کڻي رهيو هو.پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ سي ٽي ڊي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ جاچ ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون.سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو