ڪوئلي ڪمپنين بونس نه ڏنو، ڀوتارن جي ملي ڀڳت سان استحصال جاري

مانجهند(مهراڻ يوسف عمراڻي) مانجهند تعلقي جي لاکڙا ڪول فيلڊ جي 60 کان وڌيڪ ڪمپنين 5000 مقامي پورهيتن کي عيد بونس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڌارين پورهيتن جي منظم تنظيم هئڻ سبب 30 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي عيد بونس سميت سموريون ادائگيون ڪيون ويون. ڪمپنين جا مالڪ مقامي ڀوتارن، سندن واٺن، پوليس ۽ ليبر کاتي جي آفيسرن کي خوش ڪن ٿا ۽ سندن ملي ڀڳت سان مقامي پورهيتن جو استحصال ڪن ٿا. ڪوئلو ڪڍندڙ ڪمپنيون مقامي زميندارن کي به پورو معاوضو ادا نٿيون ڪن. زميندارن سان لکت ۾ ڪيل معاهدي موجب کين ملازمتون نٿيون ملن ۽ کين داٻا ڏئي 10 کان 15 هزار خرچو کڻايو وڃي ٿو ۽ ليبر لاز کي سنگين خلاف ورزي ڪئي وڃي ٿي. ايڊوڪيٽ خدا بخش ٿيٻو ٻڌايو ته زمين مالڪ ڌرتي ڌڻين کي آواز اٿارڻ تي ڪوئلي کي باهيون ڏياري مٿن چوري ۽ تنگ ڪرن جا ڪوڙا ڪيس  داخل ڪرايا وڃن ٿا. جنهن سبب خوف مان ناانصافين خلاف ڪير به عدالت اچڻ لا۽ تيار ناهي. هن ٻڌايو ته مقامي ماڻھن کي ڏهاڙي تي مقرر ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب بيماري يا ضروري ڪم جي موڪل تي ڏهاڙيون ڪٽيون وڃن ٿيون يا نيڪالي ڏئي ڌارين کي مقرر ڪيو وڃي ٿو.  پورهيت اڳواڻ گلشير کوسو ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 15 هزان تائين آھي پرڪمپنيون في مزدور کي 5 هزار ماهوار ڏنا وڃن ٿا، 10 سالن کان ڪم ڪندڙن کي به پڪو نٿو ڪيو وڃي. هڪ ملازم نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سندن زمين مان ڪوئلو نڪري ٿو کيس 10 سال ٿي ويا آھن صرف 10 هزار ملن ٿا ۽ ڪچو ملازم ليکيو وڃي ٿو، عيد بونس ۾ کين کارڪن جي پيتي ڏني وئي آهي. مقامي پورهيتن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هوانساني حقن جي لتاڙ ۽ مقامي مافيا جي ڳٺ جوڙ جو نوٽيس وٺي ليبر لاز تي عمل ڪرائي انصاف ڏياري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو