اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ۽ سينئر سياستدان مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي هڪ اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي موجوده سياسي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي اهم معاملا شامل آهن، ملاقات ۾ خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ جاري آپريشن، صوبي ۾ امن امان جي چئلينجن ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي استعيفيٰ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن سينيٽ، چترال ۽ هري پور ۾ صوبائي اسيمبلي جي ضمني چونڊن، سياسي پارٽين جي اتحاد ۽ ان جي ممڪن سياسي نتيجن تي به بحث ڪيو.










