ڪنٽرول لائن تي ميزائيل نصب، ڀرپور جواب ڏنو ويندو، فوج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور خبردار ڪيو آهي ته ڀارت پاران ڪنٽرول لائن تي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ٽوئٽر تي جاري ڪيل مختصر بيان ۾ هن چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جي جارحاڻي بيان ۽ ڪنٽرول لائن تي تيارين مان لڳي ٿو ته هو شهريت بابت منظور ڪيل قانون خلاف ڀارت ۾ جاري مظاهرن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪنٽرول لائن تي ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن جو پاڪستاني فوج ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه کي خط لکي ڀارتي اڳراين کان آگاهه ڪيو آهي ته سندن بلا جواز مهم جوئي ۽ ڪنٽرول لائن جي خلاف ورزين جو نوٽيس ورتو وڃي. هلندڙ سال ڀارت 3 هزار ڀيرا ڪنٽرول لائن جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندي ڪيترن ئي شهرين کي ناحق شهيد ۽ زخمي ڪيو آهي. خط ۾ هن لکيو آهي ته ڪنٽرول لائن تي 5 جاين تان ڪنڊيدار تار ڪٽي وئي آهي ۽ ميزائيل نصب ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو