ڪنهن به پارٽي جي فتح يا شڪست جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سمورن تڪن جا 10 کان 15 سيڪڙو نتيجا اچي چڪا آهن، ان مان ڪنهن به پارٽي جي فتح يا نقصان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مسلم ليگ ن مضبوط آهي، انشاءَ الله ڪاميابي ضرور ملندي.هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جو پنهنجو اليڪشن سيل آهي جنهن ۾ سمورا نتيجا مرتب ڪيا پيا وڃن، طريقيڪار موجب فارم 45 حاصل ڪري نتيجن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ سروس بند هجڻ سبب رابطو ناهي رهيو. مريم اورنگزيب اهو به چيو ته مريم نواز اين اي 119 ۽ پي پي 159 تان کٽي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو