ڪنهن به حڪومت لاءِ ههڙي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي:شازيه مري

ڪنهن به حڪومت لاءِ ههڙي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي:شازيه مري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي تباهي ٿي، ڪو به ملڪ موسمياتي تبديلي جي تباهي کان بچي نٿو سگهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جن ملڪن جو موسمياتي تبديليءَ ۾ ڪو به ڪردار ناهي انهن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد تي عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت به ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي پر ٻوڏ جون تباهيون ايتريون آهن جو ڪنهن به حڪومت لاءِ اهڙي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مليل 25 هزار رپين جي امدادي رقم مان غير قانوني ڪٽوتي برداشت نه ڪئي ويندي، اسان متاثرن ۾ ورهايل رقم مان ڪٽوتي جون شڪايتون ملڻ تي سخت ڪارروائي ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ گرفتاريون ڪيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو