ڪمليش قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار، ڪارڊ هٿ

ملير(درياخان شر) واپاري قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار شڪيل کي پوليس مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جوچوڻ آهي ته جوابدار پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کيس پڪڙي ورتو. جوابداروٽان هڪ هفتو اڳ ڦر دوران قتل ٿيل واپاري ڪمليش ڪمار پٽ شام ڪمار ۽ سندس گهرواري جا اصل شناختي ڪارڊ ۽ اي ٽي ايم ڪارڊ به برآمد ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شڪيل عادي مجرم آهي ۽ هو اڳ ۾ به قتل جي ٻن ڪيسن ۾ گهربل هو. 2017 ۾ ٿيل هڪ قتل ۾ هن جا ٻه ساٿي امداد ڪریم ۽ عبدالضمیرکي 20 سال سزا ملي هئي پر هي جوابدار روپوش هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم کان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو