ڪملا ڀيل جي فريال ٽالپر سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فريال ٽالپر سان ٿرپارڪر ضلع ڪائونسل جي وائيس چيئرپرسن جي عهدي لاءِ پيپلزپارٽي جي عورت اميدوار ڪملا ڀيل ملاقات ڪئي ان موقعي تي ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر جي چيئرمين جي عهدي لاءِ پي پي اميدوار ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ۽ پي پي مينارٽي ونگ جو جنرل سيڪريٽري پونجو مل ڀيل ايڊووڪيٽ به موجود هو زرداري هائوس ۾ ملاقات ۾ ڪملا ڀيل کيس اهم عهدي لاءِ نامزد ڪرڻ تي پيپلزپارٽِ قيادت جو شڪريو ادا ڪيو ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر جي وائيس چيئرپرسن جي پي پي اميدوار ڪملا ڀيل فريال ٽالپر کي گلن جو گلدستو پيش ڪيو هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ اڌي فريال ٽالپر جي ٿورائتي آهيان جن عوام جي خدمت لاءِ وڏي ذميواري ڏني آهي فريال ٽالپر منهنجي محسن آهي جنهن هميشه هر مرحلي تي منهنجي رهنمائي ۽ حمايت ڪئي آهي فريال ٽالپر چيو ته هي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو ته عورتن کي هر شعبي ۾ اڳيان آندو وڃي خاص ڪري جمهوري ادارن ۾ قائداڻو رول هجي ڪملا ڀيل کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ اهم ذميواري ملڻ سان ٿرپارڪر جي عورتن جا حوصلا وڌندا مسئلا بهتر نموني حل ٿيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو