ڪلڀوشن لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم نه پئي ٿئي، فوجي ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوجي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته بين الاقوامي دهشتگرد ڪلڀوشن کي اپيل جو حق ڏيڻ بابت پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جون خبرون بي بنياد آهن. هن چيو ته عالمي عدالت سندس آزادي جي ڀارتي درخواست رد ڪري چڪي آهي ۽ عالمي عدالت جي فيصلي موجب ضروري اپاءَ وٺڻ بابت غور ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪو حتمي فيصلو ٿيو ته ان جو اعلان ڪيو ويندو. هن ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ اهڙي وضاحت ڪئي آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان اهريون خبرون هلي رهيون هيون ته ڪلڀوشن بابت عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ ترميم بابت غور ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سينٽ اجلاس ۾ اهو سوال اٿاريندي چيو هو ته ٻڌو آهي ته ڪلڀوشن کي اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. جنهن تي شيرين مزاري چيو هو ته اهي افواهه آهن ان بابت ڪو غور نه پيو ڪيو وڃي. ان معاملي بابت فوجي ترجمان جي وضاحت بعد صورتحال واضح ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو