ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سلمان خان جو پنهنجي ماءُ سان پيار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پنهنجي ماءُ سان پيار جو اظهار ڪيو.پرڏيهي ميڊيا موجب سلمان خان ڪرڪيٽ ليگ جي ميچ ڏسڻ لاءِ شارجه پهتو.ان موقعي تي سلمان خان جو ڀاءُ سهيل خان، ڀيڻ ارپيتا ۽ سندن ٻار پڻ موجود هئا.سلمان خان اسٽيڊيم ۾ موجود پنهنجي ماءُ سان پيار جو اظهار ڪندي تمام گهڻي عزت ڪئي.بالي ووڊ اداڪار پنهنجي ماءُ کي به چمي ڏني.ان کان علاوه هن پنهنجي مداحن سان به ملاقات ڪئي جيڪي سندس هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ موجود هئا.ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان هن وقت سليبرٽي ڪرڪيٽ ليگ جي سلسلي ۾ گڏيل عرب امارات ۾ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو