ڪرپشن ۾ ملوث شخص کي بچائڻ لاءِ چيف جسٽس سرگرم آهي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف الزام هنيو آهي ته چيف جسٽس توشه خانه کان القادر ٽرسٽ تائين ڪرپشن ۾ ملوث شخص کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهي.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهون ڪندي اڳوڻي وزيرعظم نوازشريف چيو ته چيف جسٽس عمران خان کي بچائڻ ۾ لڳل آهي هن کي خبر به آهي ته هي ماڻهو ڪرپٽ آهي جنهن سڄي پاڪستان کي تباهه ڪيو آهي. اپوزيشن ۾ هجڻ دوران هن ڌرڻن ۽ احتجاجي مظاهرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ به هن ڪا ڪسر نه ڇڏي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آمريڪا وڃي هن چيو هو ته جيل ۾ نوازشريف جي ڪمري مان پکا، اي سي سڀ ڪجهه لهرائي ڇڏيو، ڌرڻن وقت هن چيو هو ته نوازشريف جي ڳچي ۾ رسو وجهي گهلي ٻاهر ڪڍندس. ان شخص جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي ڪيريئر کي داءُ تي لڳائي رهيو آهي. نوازشريف چيو ته سڀني کي خبر آهي ته هن کي آڻيندڙ جنرل باجوه ۽ جنرل فيض هو. ثاقب نثار جو بيان رڪارڊ تي موجود آهي جنهن ۾ هن چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز کي جيل ۾ وجهڻو آهي ۽ عمران کي آڻڻو آهي. ان سان گڏ هن اهو به چيو ته اهو انهن ماڻهن جو فيصلو آهي. نوازشريف چيو ته اهي ماڻهو ڪير هئا؟ سڀني کي خبر آهي ته اهي جنرل باجوه ۽ جنرل فيض هئا.نوازشريف چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس اسان جي خلاف ڇا ڪجهه نه ڪيو ان جي باري ۾ اندر کان شاهديون اچي رهيون آهن. جسٽس شوڪت صديقي سينئر جج هو ان جي گواهي کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو