ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي

بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ)ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي شاگردن هڙتال ڪئي آهي، پاڪستاني شاگرد به متاثر ٿيا آهن.وڳوڙي ڪرغز شاگردن پاڪستاني شاگردن جي هاسٽل تي حملو ڪري ڏنو، ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا.اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب مظاهرين جي حملن ۾ 3 پاڪستاني شاگرد مارجي ويا آهن پر سرڪاري سطح تي انهن موتين جي تصديق نه ٿي آهي.ڪاوڙيل ڪرغز شاگردن پاڪستاني نوجوانن جي هاسٽل تي حملا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پاڪستاني شاگردياڻين کي به حراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري پاڪستاني شاگرد پريشان آهن.خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستاني شاگردن جو چوڻ هو ته هاسٽل ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، شاگردن پاڪستان سفارتخاني کان به عدم تعاون جي شڪايت ڪئي آهي.بشڪيڪ ۾ پاڪستاني ميڊيڪل جي شاگرد محمد عبدالله جيو نيوز کي خصوصي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڪرغز شاگردن پاران مصري شاگردن کي حراسان ڪرڻ سبب تڪرار شروع ٿيو.محمد عبدالله موجب مصري شاگردن جي ڪرغز شاگردن خلاف ردعمل کانپوءِ فساد ٿيا، ڪرغز شاگرد سڄي بشڪيڪ ۾ پرڏيهي شاگردن تي حملا ڪري رهيا آهن.بشڪيڪ ۾ شاگردن تي تشدد ڪندڙ فسادين جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن پر جيو نيوز ان جي تصديق نه ڪري سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو