ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪشمير ڪالوني نالي واري روڊ ويجهو نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ راهه ويندڙ (پيادل هلندڙ) شخص فوت ٿي ويو. حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون، فوت ٿيل شخص جي مڙهه کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ اڃا تائين ناهي ٿي سگهي، واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني وئي آهي ۽ فوت ٿيل شخص جي وارثن جي ڳولا پڻ جاري آهي.










