ڪراچي پريس ڪلب لاءِ ساليانه گرانٽ پنج ڪروڙ روپين جو چيڪ صدر حوالي

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت پاران ڪراچي پريس ڪلب لاءِ ساليانه گرانٽ جي مد ۾ 5 ڪروڙ روپين جو چيڪ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد بازي جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير مڪاني سيد ناصر حسين شاهه، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار چاولا، ميمبر سنڌ اسميبلي اويس قادر شاهه، ڊائريڪٽر اطلاعات ايڊمنسٽريٽر محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي اڳوڻو صدر فاضل جميلي پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ تاريخي قدم کنيا آهن. صحافين جي رهائش لاءِ پلاٽس جي فراهمي کان وٺي ڪري ان جي علاج ڪرڻ لاءِ مالي امداد، صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلب کي گرانٽس فراهم ڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ قانون سازي ۾ پڻ مهارت حاصل ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ڪميشن فار دي پراٽيڪشن آف ڊي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پريڪٽيشنرز (SINDH COMMISSION FOR THE PROTECTION OF JOURNALISTS AND OTHER MEDIA PRACTIONERS) پڻ قائم ڪري ڇڏيو آهي ۽ فعال آهي. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ محترم آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ خاص ڪري اطلاعات کاتي جي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ اطلاعات کاتي جي سمورن آفيسرن جي ٽيم جي مثالي سهڪار کي سرهائيندي صحافين، صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلب جي گرانٽ تي سنڌ حڪومت جو شڪريه ادا ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو