ڪراچي: ناظم آباد مان ڪار سوار گرفتار، 50 ڪلو آئيس هٿ

ڪراچي: ناظم آباد مان ڪار سوار گرفتار، 50 ڪلو آئيس هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر(ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ هڪ ڪارروائي دوران، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو ۽ 50 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي، ڊائريڪٽر جنرل نارڪوٽڪس ڪنٽرول اورنگزيب پنهور موجب، منشيات جي اسمگلنگ بابت اطلاع تي ناظم آباد ۾ هڪ ڪارروائي دوران هڪ ڪار مان پنجاهه ڪلوگرام اعليٰ معيار جي منشيات آئيس هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته شڪي کي گرفتار ڪيو ويو، گاڏي جي سيٽن ۾ منشيات لڪايو ويو هو، شڪي جي گاڏي کي به ضبط ڪيو ويو ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ شڪي کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو