ڪراچي شهر کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو ويندو: ٽيسوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪريسنٽ آرٽ گئلري تحت سهراب ڳوٺ تي ويلڪم سائن آئي لو ڪراچي جو افتتاح سنڌ جي گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري ڪيو ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر سيف الرحمان، ڊي سي سينترل طلحه سليم، طارق مصطفيٰ، ڊائريڪتر پارڪس، جي ڊي سي جو باني ظفرعباس، سمير ناصر، سدره ناصر ۽ ٻيا به موجود هئا ان موقعي تي گورنر چيو ته ڪراچي کي اڃا وڌيڪ سهڻو بڻايو ويندو پارڪن ۽ ٻين تفريحي هنڌن جو انگ وڌائي رهيا آهيون ڪراچي کي اڃا وڌيڪ روشن ڪيو ويندو ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي سهڪار سان 100 هنڌن تي ڀليڪار ڪراچي سائن آئي لو ڪراچي والز ٺاهيون وينديون تعليم صحت ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ آئي ٽِ سان گڏ، انجنيئرز کي وڌ ۾ وڌ سپورٽ ڪنداسين ڪريسنٽ آرٽ گئلري جي چيئرمين ناصر جاويد چيو ته شهر جي سونهن وڌائڻ لاءِ آرٽ ورڪ تي ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهيون ٻين نون منصوبن تي به جلد ڪم ڪيو ويندو ممتاز آرٽسٽ چترا پريتم چيو ته ڪريسنٽ 15 سالن کان آرٽ جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي ڪراچي جي والز کي آرٽ ورڪس سان سهڻو بڻايو ويو آهي ان موقعي تي ڪريسنٽ جو سي اي او سمير ناصر، ڪريسنٽ جي باني سدره ناصر به موجود هئي جنهن کان پوءِ خاص مهمان گورنر کي آرٽ بوڪ پيش ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو