ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب بند ٿيل روڊ ٻيهر کوليا ويا آهن.ٽرئفڪ پوليس جي ترجمان موجب، جناح پل کان پي آءِ ڊي سي تائين ايم ٽي خان روڊ کي ٽريفڪ لاءِ ٻيهر کوليو ويو آهي، جڏهن ته مائي ڪلاچي روڊ جا ٻئي ٽريڪ به ٽريفڪ لاءِ ٻيهر کوليا ويا آهن، جڏهن ته، پي آءِ ڊي سي کان سلطان آباد ٽريفڪ سيڪشن ڏانهن ويندڙ روڊ اڃا تائين ٽريفڪ لاءِ بند آهي.










