ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته آچر کان وٺي 3 ڏينهن لڳاتار ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ گرمي پد وڌيڪ رهندو. موسميات کاتي موجب گرمي پد ڏينهن جو 36 ڊگري تائي وڌي سگهي ٿو پر شام ٿيندي ئي سامونڊي هوائون گهلڻ سان موسم بهتر ٿي سگهي ٿي. عام طور تي ڪراچي ۾ سمنڊ جي ڪري اڪٿر آبهوا هڪ جهڙي رهندي آهي پر هن سال مون سون جي برسات سبب موسم ڪافي خوشگوار رهي آهي. عام طور تي آڪٽوبر اچڻ سان گرم موسم گهٽبي آهي پر هن سال آڪٽوبر اچڻ کان اڳ ئي گرمي پد ۾ اضافي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.










